اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغانستان جي اندر فيصلي سازي جو اختيار افغان عوا?? جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي ا??تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان کي ??ستحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪن??رول نه آهي ۽ نه ئي ا??ان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانستان جي سرزمين ڪن??ن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي ا??ازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو ??مج??ن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪن??ن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي ا??ازت نه ڏني ويندي ۽ ڪن??ن به قيمت تي افغانستان کي ??المي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.
ٽي ٽي پي کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي: چوڌري
مضمون کا ماخذ : números quina hoje