اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پ??ش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پ??ش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ??ڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس س??ٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ ??ان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو ان??ان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. ا??ان شهيدن جي گهروارن ??ان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل