اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چ??ن هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وزيرا??ظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چ??ن هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيرا??ظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير م??دق ملڪ، وزيرا??ظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.
چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2