اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصوبن جي لاءِ وڏي رقم گهربل آهي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبد??لي جي ??ثرن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، اسان رڳو موسمياتي انصاف گهري رهيا آه??ون?? تلافي جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ پنهنجي ??هائشگاهه تي ”فنانشل ٽائيمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي رهيا آهيون پر اض??في فنڊز گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جا مطالبا ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان گهري سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻجي ٿو ۽ اسان پنهنجي ??نيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آ??ي ته ڳنڀير مسئلن جو سبب بڻجي ??گهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي ??طري جي لحاظ کان نه چئي رهيو آهيان پر ان جو حقيقي امڪان موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آه??ون?? اسان ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اض??في فنڊز حاصل ڪندو، اسان موسمياتي تبد??لي سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي ??لاف جنگ ۾ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان نه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32
پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت