اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي ب??انتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪ??ڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي ب??يفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022ع دوران 7000 شڪايت??ن مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايت??ن مليون، سال 2022ع دوران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽيڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرائي. ايف ٽي او ??ي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او ??يڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽيڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊيڪس پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022ع دوران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
صدر پاران ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ