ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 1650 ميگاواٽ ب??لي جي ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي پيداوار 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف اسلام ڪوٽ ٿر جو هڪ ڏي??هن جو دورو ڪيو ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، چيني نائب ناطم الامور پانگ چ?? شوئي ۽ سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ پڻ موجود هئا. اهي منصوبا 3.53 ارب ڊالر جي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری