اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)??هر?? معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي 27 آڪٽوبر کي ڄمون ??شمير رياست جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. ڀارت والاريل ڄمون ??شمير جي وڏي حصي کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذري ويا، ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو پيو اچي. ??هر?? وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي تنظيمون ??ارت جي ظلمن کي روڪي نه سگهيون. نريندر مودي گڏيل قومن جي قراردادن جون ??ڄيون اُڏائي ڇڏيون. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل واديءَ ۾ سياسي نظام کي ويڙهي ڇڏيو. ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نو??ن قانون مڙهي ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان قيد آهن ۽ جيل جون سختيون برداشت ڪري رهيا آهن. ڀارتي ظلمن کي دنيا جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاءِ ميڊيا تي پابنديون مڙهيون پيون و??ن. ??حريڪ آزاديءَ جي هن جنگ ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري پنهنجي جانين جون قربانيون ??ئي چڪا آهن. ڀارت جي ايڏي وڏي فوج به ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام آهي، غزه جي تازا ترين صورتحال ثابت ڪيو آهي ته پُراڻا حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ لاڳيتو خطرو آهن، ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄمي بيٺل آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو گهٽ نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
27 آڪٽوبر 1947ع والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: سرفراز احمد بگٽي
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری