اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ سخت حفاظتي انتظامن سان گڏ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي ??قي??ي بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪ??ا ويا. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنز تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي عوام جو ٽرن آئون تسلي بخش رهيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شڪايتون داخل رڪڻ لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لائين تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽرز 8300 تي ايس ا??م ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تف??يل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون آهن.
سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو: ترجمان اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد