اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ملڪيتي ا??ارن جي خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ا??ارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽ جي ا??لاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي ملڪ جي سرڪاري ملڪيتي ا??ارن جي ڪارڪردگي بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي ا??لاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سرڪاري ملڪيتي ا??ارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ سان ڪنهن کي ا??تلاف نه آهي جڏهن ته انهن نقصانن کي ختم ڪرڻ بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نجڪاري واحد حل آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته پروفيشنل انداز ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ان بابت حتمي فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. هن چيو ته 200 کان وڌيڪ ادارا خساري جو شڪار آهن،ا نهن ۾ پاور، فنانس ۽ ڪميونيڪشن جا ادارا شامل آهن. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب انهن ادارن جو خسارو 730 ارب رپيا آهي، منافعو ڏيندڙ ادارن جو م??موعي منافعو 570 ارب رپيا هو. هن چيو ته نيٽ لاسز 160 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي، انهن نقصانن ?? پاور سيڪٽر، پي آءِ اي، اين ايڇ اي، ريلويز ۽ اسٽيل ملز شامل آهن. اين ايڇ اي جا نقصان 170 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هئا. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ا??ارن ۾ نقصانن ?? گهٽتائي جي لاءِ نمايان سڌارا ڪيا آهن. سيپٽمبر 2023ع ۾ رياستي ملڪيتي ا??ارن بابت پاليسي منظور ڪئي وئي آهي انهن ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو آهي. اين ايڇ اي سميت مختلف ادارن ۾ س??ارن جي لاءِ قانونن ?? ترميمون ڪيون ويون آهن. وڌيڪ سڌارن بابت فيصلو ايوان ۽ چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر محمد اڪرم، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر صابر شاهه ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو پڻ ٻحث ۾ حصو ورتو. بعد ۾ پينل آف چيئرپرسن رٿ اڪلائي ڇڏي.
حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جي خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری