اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي فلم دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. اها ڳالهه هن هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستاني ثقافت تي ٻڌل فلم جي تياري سميت ملڪ جي عظيم ثقافتي ورثي ۽ تاريخ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم کي ملڪ ۾ فلم جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن چ??و ته هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن پاڪستاني ثقافت تي فلم جي تياري جي چونڊ ڪئي، اهو اسان جي ثقافت ۽ ماڻهن جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، اسان کي يقين آهي ته هي فلم دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي کي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم کي پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چ??و ته پاڪستان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ اسان فلم پاليسي بحال ڪئي، فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ته جيئن نوجوانن کي ان شعبي ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چ??و ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو، فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس ۽ فلم انڊسٽري جي لاءِ ٽيڪس مراعتن سان فلم انڊسٽري ۽ ان سان واڳيل شعبن کي فروغ مليو. هن چ??و ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم سازن کي 5 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي، نئين سئنيما گهرن، پروڊ??شن هائوسز، فلم ميوزيمنز قائم ڪرڻ تي 5 سال جو انڪم ٽيڪس، فلم ۽ ڊرامي جي برآمد تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي. هن چ??و ته مقامي طور تي گڏيل فلم ۽ ڊراما پروجيڪٽس تي غيرملڪي فلم سازن کي پڻ رعايت ڏني وئي آهي، ان جي لاءِ پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو فلم جي شوٽنگ جي شرط لاڳو آهي ته جيئن سياحت ۽ ثقافت سميت ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملي. هن چ??و ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان پنهنجو بيانيو عالمي سطح تي پهچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم پاران تيار ڪئي ويندڙ فلم پاڪستاني فلمي صنعت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، فلم جي تياري سان سڄي دنيا جي ماڻهن کي پاڪستان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ۽ ملڪ جو سافٽ اميج اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم پاڪستان ۾ ميزباني تي پاڪستان حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ فلمي صنعت جي سمو??ن ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چ??و ته هو پاڪستان جي دوري مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي خوبصورتي، عظيم ثقافتي ورثي ۽ ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهيون. هن چ??و ته پاڪستان ۾ فلم سازي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، اسان ان صنعت کي وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۾ مدد جي لاءِ پرعزم آهيون. وفد ۾ جيمز ايم سي ميلان، اينڊريو جيمز فيرو، ليوسا اسڪن، سعديه اشرف، بدر اڪرم، مشعل ثقافت شامل هئا. واضح رهي ته هالي ووڊ پروڊ??شن ٽيم پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي عڪس بندي جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري خوش آئنده قرار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات