اسلام آباد – 20 ??? م??ي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير ??سي?? امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ?? چيو ويو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ?? وڌيڪ چيو ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سا?? گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير ??سي?? امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ?? چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino