اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پ??رليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئيني تر??يم?? جو انداز ميثاق جمهوريت جا دستاويز آهن، انهن تر??يم?? کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل تر??يم??ن آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئيني تر??يم?? جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن تر??يم?? تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به تر??يم?? جي تجويز آهي. آئيني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جمهوريت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري ??و طريقيڪار بڻايو ويو آهي. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پ??رليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري ??گهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جمهوريت سان مطابقت رکندو هجي.
پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا