نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي يوڪرين ۽ فلسطين ۾ جنگبندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته ج??ڪڏ??ن جنگيون نه روڪيون ويون ت?? مستقبل اونداهون هوندو، فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ تي اسرائيلي قيادت جو احتساب ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي سلامتي ڪائونسل جي ”ليڊر فار پيس“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته اهو مباحثو منعقد ڪرڻ تي سلوانيه کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، وچ اوڀر، يورپ ۽ ڪنهن به جاءِ تي جنگين جو ڦهلاءُ، عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ غربت ۾ اضافو ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرناڪ آهي، اسان ڪجهه ڏينهن اڳ مستقبل جي پيڪٽ کي منظور ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي واعدن ت?? عمل ڪرڻ گهرجي ج??ڪڏ??ن ائين نه ڪيو و??و ته جنگين سان مستقبل اونداهو هوندو. هن چ??و ته اسان کي اسرائيل کي غزه ۾ نسل ڪشيءَ ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار جي ڦهلاءُ سان روڪڻ گهرجي، اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت آهي، فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قيادت جي ڏوهن ت?? ان جو احتساب ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته بيروت تي بمباري انتهائي مذمت جوڳي آهي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يوڪرين ۾ جنگبندي ۽ پرامن حل جي لاءِ غيرجانبداراڻو منصوبو ٺاهي، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چ??و ته سلامتي ڪائونسل پراڻي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير کي وڌيڪ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي سان عالمي امن ۽ سلامتي کي مستقل خطرا آهن، سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي وڏي پئماني تي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ت?? عمل ڪيو وڃي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي افغانستان سان خاص طور تي فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي خطرن جي ٻيهر اڀرڻ جي معاملي کي منهن ڏيڻ تي موثر ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته سلامتي ڪائونسل دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ غيرملڪي مداخلت روڪڻ جي لاءِ آفريقي ملڪن کي تعاون فراهم ڪري، گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، گڏيل قومن کي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جنگ کان بچاءُ ۽ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حل لاءِ اعتمادسازي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ملڪن جي وچ ۾ مقابلو سٺي ڳالهه آهي پر ان کي تڪرار ۾ تبديل نه ٿي?? گهرجي. هن چ??و ته سلامتي ڪائونسل کي طاقت جي غيرقانوني استعمال تي زيرو ٽالرنس جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ائٽمي ۽ روايتي هٿيارن جي نئين ڊوڙ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نئين هٿيارن ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي تي ڪنٽرول ٿي?? گهرجي ڇو ته اهي انتهائي خطرناڪ آهن. ٻين ميمبر ملڪن سان تعاون جي ڏس ۾ هن چ??و ته جڏهن پاڪستان ايندڙ سال سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو ته پنهنجي هدفن ت?? عمل ڪندو.
جنگيون نه روڪيون ويون ته مستقبل اونداهون هوندو، فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ تي اسرائيلي قيادت جو احتساب ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر