اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل ها??نز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ س??ڪا?? وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ س??ڪا?? کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آ??ٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آ??يان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آ??ٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستا??ي عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ س??ڪا?? ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير محسن نقوي کي آ??ٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آ??ٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿ??، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آ??يان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آ??ٽريليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی