اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري ??هي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پ??عز?? آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ??جلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس ??ي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهن??ي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري ??هي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري ??هيو آهي، اسان کي پنهن??ي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اسان کي يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خطي جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پ??عز?? آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترقي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري ??ابطن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون به ضروري ??هن.
جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج