اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارت سرينگر تي پن??نجي فوج لاٿي ۽ ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بنا شڪ جي اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پن??نجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڪشميري عوام جي خود اراديت جي جائز خواهش کي دٻايو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت پن??نجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن گذريل 77 سالن ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، تنهن هوندي به فتح نه ٿيڻ ج??ڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ ج?? سندن عزم هاڻي به ايترو ئي پختو آهي جيترو 1947ع ۾ هو. وزيراعظم چيو ته ??ڄوڪي ڏينهن ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع سان والاريل ڄمون ڪشمير تي پن??نجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪٻئي پٺيان قدم کڻي رهيو آهي. ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو مقصد والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پن??نجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ج?? سندن جمهوري حق کان محروم ڪرڻ آهي. اڄ ڪشميري عوام پن??نجي روزمره جي زندگي ۽ معاش تي سخت ترين ۽ تڪليف ڏيندڙ پابنديون برداشت ڪري رهيا آهن. سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي. ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي خاتمي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. تنهن هوندي به اهي جابراڻا قدم ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي تڙپ کي گهٽ نٿا ڪري سگهن. جيئن ته مون تازو ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پن??نجي خطاب ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو واضح ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي ممڪن آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته هو پن??نجي جابراڻي حربن سان ڪشميري عوام جي ??قي??ي امنگن کي دٻائي نٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان پن??نجي پختي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حتمي حل تائين انهن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن