اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفا??ي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ٻين شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفا??ي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي وفد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفا??ي وزير عبدالعليم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. وفد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفا??ي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفا??ي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود پاڪستان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. وفا??ي وزير سيڙپڪاري وفد کي ٻُڌايو ته اڄ به پاڪستان کي ڪيترن ئي شين ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روانگي واپار ۾ واڌ جا وسيع امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفا??ي وزير سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. وفا??ي وزير اسپين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه طرفي سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ- اسپين ڀائيواري ڪري سگهجي ٿي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ اسپين جي سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفا??ي وزير عبدالعليم خان کي پنهنجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ٻين پيداواري شين جو به ذڪر ڪيو.
پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن، وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا