اس??ام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست واري ضمانت تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪ??وٽ?? عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪ??ٽمز آفيسرن قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پراسيڪ??وٽ?? ٻُڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن ??ان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو ??نيو اهي بينفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيا. پراسيڪ??وٽ?? چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير قانوني طور تي پاڻ وٽ رکيو ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪ??وٽ?? وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان ??ان ئي آهي ته ضمانت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا ??ان پاڻ کي آجو ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄاڻي واڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته سندن ڪ??روبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ ??ان پوءِ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سيٽ جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو معاملو آهي، دٻاءُ جو معاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضمانت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا