اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪ- سعودي ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن، مسلم اُمت جي اتحاد ۽ جديد دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي، تڪرار جي خاتمي، مسئلن تي ??ابطو آڻڻ تي گرينڊ مفتي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت گڏيل ذميداري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گرينڊ مفتي ??يخ عبدالعزيز بن عبدالله الشيخ سان ملاقات ۾ ڪيو. سين??ٽ چيئرمين گرينڊ مفتي ??و شڪريو ادا ڪندي سندن اسلامي دنيا لاءِ خدمتن، ڏُکيائين ۾ اسلامي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاوشن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سين??ٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتاگڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن. هن مسلم اُمت جي اتحاد جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو. سين??ٽ چيئرمين پاڪستان ۽ سعودي عرب جي جديد دؤر جي چئلينجز سان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان تعليمي ۽ مذهبي شعبن ۾ سعودي عرب سان معاونت جو خواهشمند آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت جي گڏيل ذميداري آهي. پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان بين العقائد ڊائلاگ، مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. سين??ٽ چيئرمين چيو ته برداشت ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرينڊ مفتي ??ون ڪاوشون تحسين لائق آهن. مذهبي تعليم ۽ ماهرن جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻي پوندي، گرينڊ مفتي ??ان ملاقات وڏو اعزاز آهي. سين??ٽ چيئرمين گرينڊ مفتي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت به ڏني. سين??ٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام سعودي عرب جي گرينڊ مفتي ??ان لڳاءُ رکي ٿو، سعودي گرينڊ مفتي ??ا جاري ڪيل فتويٰ نه صرف سعودي عرب پر پوري اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪن ٿا. مسلم اُمت جي اتحاد ۽ جديد دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي.
پاڪ- سعودي ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم