اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قا??داعظم محمدعلي جناح کي قيام پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ قا??داعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قا??داعظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قا??داعظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قا??داعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قا??د جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي ع??د جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته قا??داعظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قا??داعظم پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان ??سا?? کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قا??داعظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته قا??داعظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته قا??داعظم جي اڻٿڪ جدوج??د جي ڪري اڄ ??سا?? آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قا??داعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي تخليق ۾ قا??داعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قا??داعظم تحمل?? برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قا??د جي خواب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.
پاڪستان جي قيام ۾ قائداعظم جو ڪردار اهم سنگ ميل، ان جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير مٽائيندا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا