پيرس- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي هڪ اعلي عدالت اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي کي برقرار رکندي مس??ما?? تنظيم پاران داخل درخواست کي اڪلائي ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن موجب فرانس جي حڪومت گذريل مهيني اسڪولن ۾ عبائي پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ چيو هو ته تعليمي ادارن ۾ عبائيو پائڻ سيڪولرازم جي اصولن جي خلاف ورزي آهي، فرانس ۾ مس??ما?? عورتن جي اسڪارف پائڻ تي اڳ ئي پابندي آهي ۽ ان عمل کي مذهبي وابستگي طور ڏٺو ويندو آهي،فرانس ۾ مس??ما??ن جي نمائن??ه تنظيم ايڪشن فار دي رائٽس آف مسلمز (اي ڊي ايم) اعلي ترين رياستي ڪونسل کي درخواست ڪئي هئي ته اها پابندي مت ڀيد تي مشتمل آهي ان کي ختم ڪيو وڃي جنهن تي عدا??ت ٻن ڏينهن جي ٻڌڻي کانپوءِ تنظيم جي دليل کي رد ڪندي ڪيو ته پابندي جو فيصلو فرانس جي قانون تي مشتمل آهي، واضع رهي ته فرانس جي اسڪولن سومر تي تعليمي سال جي پهرين ڏينهن ڪيترين ئي مس??ما?? شاگردياڻين کي اعبايو لاهڻ کان انڪار ڪرڻ تي گهر موڪلي ڇڏيو هو ، سرڪاري انگن اکرن موجب فرانس ۾ 67 م??ين آبادي جو اٽڪل 10 سيڪڙو حصو مس??ما?? آهن.
اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي جو فيصلو صحيح آهي: فرانسيسي عدالت
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ