قاهره-12 آڪٽوبر (اي پي پي) ع??ب پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ??نگ بند ڪرائڻ لاءِ عالمي برادري کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غزه جو گهيراءُ ختم ڪري ۽ شهرين لاءِ امداد جي اجازت ڏني وڃي. عرب خابرو اداري موجب ع??ب پرڏيهي وزيرن قاهره ۾ هنگامي اجلاس جي پڄاڻي تي چيو ته شهرين کي نشانو بڻائڻ تي ڌرين جي مذمت ڪريون ٿا، عرب ليگ جي مددگار سيڪريٽري ??نرل حسام زڪي اجلاس جي پڄاڻي تي 12 شقن تي ٻڌل قرارداد جاري ڪئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غزه خلاف ??نگ فو??ن بند ڪئي وڃي، سموريون ڌريون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن، هن چيو ته ??نگ جاري ??هڻ جي صورت ۾ انساني مسئلن ۽ خراب صورتحال کان خبردار ڪندي عالمي برادير کي چيو ويو آهي ته هو ??نگ بند ڪرائڻ ۽ خطي کي خطري کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي. ع??ب پرڏيهي وزيرن غزه جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ، انساني امداد جي پهچ جي فوري ??جازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، غزه پٽي جو پاڻي ۽ بجلي ڪٽڻ بابت اسرائيلي فيصلي کي رد ڪرڻ تي به زور ڀريو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام ج?? پنهنجي سرزمين تي ثابت قدمي تي انهن جي حمايت ڪئي ۽ فلسطينين کي سندن سرزمين تان ڪڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو، اهو به چيو ويو ته فسلطيني علائقن جي تازه صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ اجلاس مسلسل جاري ??هندو.
غزه جو گهيراءُ ختم ۽ شهرين کي امداد جي اجازت ڏني وڃي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری