بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين ??ريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل جنگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عالمي برادريءَ کي اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت ??ان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن مطابق ڌُرين ??انون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، بين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ٺڪاڻن ۽ افرادي عملي ۽ ٺڪاڻن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ??لڪ جي حيثيت ??ان چين ??لسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين ??سئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : راکی