ڪراڪس- 30 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ستن ملڪن مان سفارتڪارن کي واپس گهرائي ورتو. تاس موجب وينزويلا جي پرڏيهي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ??هي ته ارجنٽائن، ڊومينيڪن ريپبلڪ، ڪوسٽاريڪا، پاناما، پيرو، يوراگوئي ۽ چلي مان پنهنجن سفارتڪارن کي واپس گهرائي رهيو ??هي. انهن وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي ٻيهر چونڊن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ??هي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ??هي پنهنجي سفارتي مشنز جي سمورن ميمبرن کي هڪ اڻوڻندڙ نظ??يي سبب واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. جيڪو اسان جي خودمختياري تي حملو آهي. وزارت وينزويلا جي صدارتي چونڊن بابت انهن ملڪن جي بيانن کي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو. وزارت وڌيڪ چيو ت?? وينزويلا جي حڪومت خودمختياري واري حق جي تحفظ جي ضمانت لاءِ سياسي ۽ قانوني قدم کڻڻ جوحق محفوظ رکي ٿي. وينزويلا حڪومت پر امن بقا لاءِ خطرو بڻجندڙ ڪنهن به سرگرمي جي مزاحمت ڪندي وينزويلا ۾ 28 جولاءِ تي صدارتي چونڊون ٿيون. نيشنل اليڪٽورل ڪائونسل موجب 80 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ سميت مُلڪ جي موجوده صدر مادورو کي 51.2 سيڪڙو ووٽ مليا جڏهن ته سندس اهم مخالف ايڊمنڊوگونزاليز، کاٻي ڌر جي پارٽين جي نمائندگي ڪندي 44.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. اي پي پي/ ا – ٻ / س – و / ج – پ 11:40
وينزويلا ستن ملڪن مان پنهنجن سفارتڪارن کي واپس گهرائي ورتو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم