واشنگٽن- 19 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري جي منصوبي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. دي اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر چيو ته هو پنهنجي ان ??نصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو ??رادو رکي ٿو جنهن دوران رهندڙ پناهگيرن جن جي آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت ناهي، انهن جي وڏي پيماني تي ملڪ بدري ۾ آمريڪي فوج جي مدد به ورتي ويندي. ڊونلڊ ٽرمپ اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ سوشل پرٽام فٽن طرفان ڪيل هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ڪئي. واضح رهي ته جوڊيشل واچ نالي اداري سان ڳنڍيل ٽام فٽ?? دعويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه قومي ايمرجنسي جو ??علان ڪري غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري ۽ غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي اثاثا استعمال ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ