اسلام آباد – 19 ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ هيلٿ مي??وريل مي??وڊسٽ چرچ تي دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت کي ورجائيندي متاثرين جي لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب 17 ڊس??بر تي ڪوئيٽا ۾ هيٿل مي??وريل مي??وڊسٽ چرچ تي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو م??رجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. وزيراعظم پاران متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي پئڪيج موجب دهشتگردي جي ان واقعي ۾ مارجي ويندڙن جي وارثن جي لاءِ 10 لک رپيا، سخت زخمين جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ زخمي ماڻهن جي لاءِ 3 لک رپين جي زرتلافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو امدادي پئڪيج صوبائي حڪومت پاران متاثرين کي ڏني ويندڙ امداد کانسواءِ هوندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:27
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج