سان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وزيراعظم صدر شي کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون وڌا??ڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪست??ن آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهي?? آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي?? آهن. وزيراعظم ترقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپن بڻا??ڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا