اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا ج?? نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خي??سگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لا??ِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتف??ق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لا??ين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان سان توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں