ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي ??رضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ٿي ??يندي، حقيقت جي ??نافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي ??ڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين ??ان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي ??ڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي ??فادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.
هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی