لاهور ??? 29 جول??ءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جا قد?? ۽ ??وامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سالن ??ي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تمام گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي ل??ءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقيد سان رهنمائي ملي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزير شبلي فراز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ