اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته جيستائ??ن ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائ??ن ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي کڻڻو پوندو آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث