اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??يو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. زيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ??يو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربي?? سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ??يو ته آبادگار پاڪستان ??ي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران ??ٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روز??نو ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روز??نو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان ??ٽڪل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ??ون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪيون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں