اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي، آسٽريا چانسلر ڪارل ني همر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان جي دوري جا منتظر آهيون. آسٽريا جي چانسلر پاران وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ س??ي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي جواب ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان گهرايو آهي ۽ س??دس دوري تي سندس شاندار آجيان جو انتظار آهي. هن چيو ته سڀ کان اڳ اسان کي اهو فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان اترين علائقن جي سياحت جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ پاڪ – آسٽريا فاخوشولي (آء?? اي ايس ٽي) جي طرز تي ٽيڪنالاجي جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جا خواهش??ند آهيون.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن