اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام ماڻهو کي ف??ري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محتسب کاتن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي ف??ري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ذريعا استعمال ڪري، فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي ??حتسب تي بار وڌندو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ??حتسب اعجاز احمد قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ??حتسب صدر کي سال 2021ع دوران اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، گذريل سال وفاقي ??حتسب کي 110398 شڪايتون مليون، ڪل شڪايتن مان هڪ لک 6 هزار 732 حل ڪيون ويون، محتسب جي 92.7 ??يڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل شڪايتن کان 92 هزار آن لائين موصول ٿيون ۽ ان تي ڪارروائي ڪئي وئي، صدر کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شڪايتون سيل، علائقائي آفيسن جي قيام تي به بريفنگ ڏني وئي، شڪايتن جي ازالي جي جامع سسٽم جي تحت وفاقي حڪومت جي 180 مختلف ايجنسين کي سگهه ڏني وئي آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته وفاقي ??حتسب ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين پنهنجي پهچ وڌائي، محتسب کاتن جي بدعنواني جي خلاف شڪايتن جي ف??ري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ٽولز استعمال ڪري وفاقي ??حتسب يوٽيلٽي ڪمپنين جي ناانصافي خلاف شڪايت ڪندڙن کي جلد انصاف فراهم ڪري. هن چيو ته وفاقي ??حتسب وٽ وڌيڪ شڪايتون گئس ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين پاران وڌيڪ بلن بابت آهن، وفاقي ??حتسب ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن جي باري ۾آگاهي پيدا ڪري، وفاقي ??حتسب شڪايتن جي جلد ازالي لاءِ مختلف سرڪاري کاتن سان رابطا قائم ڪري، محتسب ماڻهن جون شڪايتون تيزي سان اڪلائڻ لاءِ سرڪاري ادارن سان تعاون وڌائي. فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي ??حتسب تي بار وڌندو آهي، صدر محتسب جي ڪارڪردگي ۽ پهچ وڌائڻ جي سرگرمين کي ساراهيو. صدر پاران اداري کي مضبوط بڻائڻ، فوري انصاف جي فراهمي ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
صدر پاران عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات