اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ منصوبابندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آر اي?? 4 دستاويز تازي موسمي??تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته آر اي?? 4 دستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمي??تي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان جي لاءِ ٺوس موقف کي اختيار ڪرڻ تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقي??تي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقي??تي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبابندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمي??تي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن وا??ي ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري قدم کڻي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ آر ايف 4 جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ