لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهڙا اهل ما??هو جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن جي فوري رجسٽريشن يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس تي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران رجسٽريشن جي لاءِ پنهنجا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن، رمضان دوران غريب طبقي جي مشڪلاتن ۾ جيستائين مڪمن ٿي سگهي گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مفت اٽي جي ورڇ 25 رمضان تائين ??ار?? رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شازيه مري، مريم اورنگزيب، و??يراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مفت اٽو اسڪيم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ ??ار?? آهي جنهن سان اهل خاندانن جو وڏو انگ فائدو کڻي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ اٽي جي ورڇ واريُون پوائنٽس شادي هالز ۾ ٺاهيُون ويُون آهن جتي ما??هن کي انتظار دوران مشڪلاتن کي بلڪل به منهن ڏيڻو نه پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم لاهور ۽ قصور ۾ اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس جو د??رو ڪيو هو جتي انتظامن کي اطمينان جو قرار ڏنو هو. وزيراعظم پنجاب، خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا جي ان پروگرام ۾ شامل سمورن ادارن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهل ماڻهن جي فوري رجسٽريشن يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha