اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو ??ڏه?? ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سا?? ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي م??اس??ا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي ل??ڳيتي م??اس??ا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي جي ل??ءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری