اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ??ميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چون?? نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آهي. اليڪشن ??ميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ??ميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻ??ڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چون?? نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اليڪشن ??ميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ ج?? نتيجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ متبادل ويب سائٽ به ٺاهي آهي. هن ٻ??ڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن عل??ئق?? جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻ??ڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته ات?? نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اه?? نتيجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاه??ان نتيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ??ميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس