اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪو??رٽ??ز جي دوري دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪو??رٽ??ز جو دورو ڪيو، پاڪ ب??ريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم کي پاڪ ب??ريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪو??رٽ??ز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ ب??ريه جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظم کي پاڪ ب??ريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ ب??ري?? کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ ب??ريه جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ ب??ريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم م??دو?? وسيلن جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ ب??ريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ ب??ريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دوري ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پاڪ ب??ريه الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.
ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil