اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي، ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپن??ن ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين م??ررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم، بجلي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، ٻين معاملن تي 4 صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان ??ابطا ڪري بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورتن م??جب پوري ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپن??ن ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين کي سختي سان م??هن ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ??دالتي نظام کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ، بلوچستان ??ي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ??وڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ??اري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي صدارت هيٺ توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وزارت جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي پاور ڊويزن جي مختلف معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ??ي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ??يس او پيز ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي همت افزائي جي حوالي سان پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اجلاس م شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز م گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپن??ن ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين م??ررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم پاور ڊويزن واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان ??ابطا ڪرڻ ۽ بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن کي بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورت موجب پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپن??ن ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين سان ??ختي سان م??هن ڏنو وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ٻڌڻين جي نظام کي موثر ۽ لاڀائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف بلوچستان ??ي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ??وڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، بجلي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ، شعبي جا سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری