اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته عالمي اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال جي ??قابلي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ??يمبر ملڪن وچ ۾ يڪجهتي ضروري آهي،پاڪستان ايس سي او ملڪن سان نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آ??ي، پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي اهميت رکندڙ آ??ي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي ??اپاري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين جي اسٽريٽجڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙو اظهار وفاقي وزير ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جي اقتصادي معاملن ۽ واپار وارن وزيرن جي 23 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي ??اڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي ??يزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آ??ي، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ??يمبر ملڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اجلاس جو مقصد ايس سي او جي ??يمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته تازن سالن دوران پاڪستان ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول جي بهتري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري سهولتن جي ??راهمي لاءِ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وقت اسان پنهنجي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، ريگوليٽري فريم ورڪ جي بهتري ۽ واپار دوست ماحول جي ??راهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايس سي او جو خطو دن??ا جي تيز ترين ترقي ڪندڙ معيشت تي ٻڌ?? آهي جتي دن??ا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهندڙ آهي. اهو خطو واپار ۽ اقتصادي حصيداري لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پنهنجن ملڪن جي ترقي لاءِ واپار جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته واپار نه رڳو معاشي ترقي جو سبب بڻجي ??و پر اهو مختلف ملڪن، خطن ۽ عوام وچ ۾ ٻطرفي سهڪار، امن ۽ استحڪام به پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي حيثيت رکندڙ آهي جيڪو واپار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن چيو ته اسان ايس سي او ريجن جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان قومي قانون ۽ پاليسين موجب واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جي گڏيل واپار جي گذريل سال جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جو گڏيل آمدني واپار انهن جي ??جموعي آمدني واپار جي 19 سيڪڙو جڏهن ته روانگي واپار مجموعي روانگي واپار جي 14 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. اهڙي طرح ايس سي او ميمبر ملڪن جو مجموعي واپار جي تناسب ۾ ميمبر ملڪن جي گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 16 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جي ??ستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته ايس سي او ريجن جي گڏيل رابطن کي هٿي ڏني وڃي ۽ انهن ملڪن جي گڏيل واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميمبر ملڪن وچ ۾ انهن جي ??انونن ۽ پاليسي تحت جدت تي ٻڌل ڪاروباري ماحول جي ??راهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مختلف اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايس سي او ميمبر ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل يڪجهتي کي هٿي ڏين.
پاڪستان ايس سي او ملڪن سان نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena