اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جم??وريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جم??وري قوتون ??وم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جم??وريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جم??وريت جي اڌوري ايجنڊا کي ??ڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جم??وريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جم??وريت جو جذبو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي ??ڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جم??وريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جم??وري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آهن.
آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : apostas quina