اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي ت??ريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آ??يون جيڪا پاور ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ ل??ءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ ل??ءِ اسان جي ت??قياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پاڪستان جي معاشي ت??قي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ت??قي، موسمياتي ت??ديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ ل??ءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ جي شعبي جي ت??قي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.
توانائي واري وفاقي وزير سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔