اسلام آ??اد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، حڪ??مت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي، ڊيجيٽائيزيش??، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان گورننس جي بهتري جي لاءِ نئين مقرر ٿيل ماهرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو ته گورننس جي بهتري جي لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، عوامي مفاد جي اهم فيصلن ?? ماهرن جي راءِ ۽ تنقيدي جائزي کانپوءِ منظوري سان ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان باصلاحيت ۽ پنهنجي شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن جي خدمتن فائدو کڻنداسين، توهان سڀني تي ملڪي معاملن جي فيصلاسازي ?? ماهراڻي راءِ ۽ تعميري سوچ شامل ڪرڻ جي اهم ذميواري آهي. هن چيو ته پراميد آهيان ته توهان پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندا. حڪ??مت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي. ڊيجيٽائيزيش??، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي ماهر پنهنجي شعبن ۾ حڪ??مت کي ماهراڻي ۽ تنقيدي راءِ ۽ جائزو ڏيندا جنهن سان مختلف سيڪٽرز ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نئين مقرر ٿيل آڦيسرن جي تعارف سان گڏوگڏ انهن جي ذميوارين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج