تهران_06 سيپٽمبر(اي ??ي پي) سعودي عرب جو نئون سفير عبدالله بن سعود الغزي پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ايران پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موهب سعودي سفير ايران پهچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي حڪومت ٻنهي ملڪن وچ ۾ لڳاپن کي نئين منزلن تي ڏسڻ جي خواهشمند آه??، هن چيو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن استحڪام ، ترقي ، خوشحالي کي ??ٿي وٺرائڻ لاءِ مددگار اقتصادي وسيلن جا م??لڪ آهن. سعودي سفير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفادن کي اهميت ڏين ٿا، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو ويزن 2030 ه?? قسم جي سهڪار تي عمل درآمد جو روڊ ميپ آهي جنهن جي بنياد تي ٻئي ملڪن واضع حڪمت عملي هيٺ سهڪار کي ??ٿي وٺرائي سگهن ٿا. واضع رهي ته سعودي عرب ۽ ايران مارچ ۾ سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ ۽ پنهنجا سفارتخانا ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa