اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۾ 18 لک کان وڌيڪ ماڻهو بک جو شڪار آهن جتي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 70 سيڪڙو زرعي زمين تباهه ٿي چڪي آهي.غذائي تحفظ جي درجا بندي وا??ي عالمي اداري (آءِ پي سي) ۽ گڏيل قومن ج?? جائزه رپورٽ موجب غزه ۾ 1 لک 33 هزار آبادي غذائي عدم تحفظ وا??ي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته نومبر ?? ايندڙ سال اپريل وچ ۾ اهو تعداد وڌي ٽي لک 45 هزار تائين پهچي ويندو. وا??ع رهي ته غزه پٽي ۾ اڳ ئي ڏڪار جو خطرو موجوده آهي، جنگ ۾ آيل تازي شدت کان پوءِ غزه ۾ بک ،بدحالي ۾ پڻ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي غزه ۾ ڏڪار وا??ي صورتحال قبولڻ جوڳي نه آهي. اسرائيل کي گهرجي ته علائقي ۾ امداد جي فراهمي لاءِ سمورا سرحدي رستا کولي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل