مظفرآباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گڏيل ??ومون ڪشمير مسئلي تي عالمي دنيا سان پنهنجا ڪيل ??اعدا پورا ڪري، سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم ذريعي ئي ان پراڻي مسئلي جو حل ممڪن آهي. ڪشمير ڪائونسل ۽ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪ??دي صدر چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي رت سان روشن آزادي جو سج اڀرڻ ۾ هاڻي وڌيڪ دير نه آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ پنهنجي ??وجوان شهيد ۽ ذهين قائد برهان مظفر واني شهيد جي رت جي برڪت سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پرڏيهي جبر جي خلاف عظيم مثالي تاريخي جدوجهد ڪندڙ بهادر ڪشميري عوام جي سرزمين تي اچڻ ۽ انهن جي چونڊيل ??مائندن کي خطاب منهنجي ??اءِ اعزاز آهي ڇو ته اڄ انهن ماڻهن سان مخاطب آهيان جيڪي غير ملڪي قبضي جي خلاف جدوجهد ڪندي هڪ اهڙي تاريخ لکي رهيا آهن، دنيا جنهن جو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آهي. صدر چيو ته ڪشمير جي ??ارن قابض فوج جي سختين جو مقابلو پنهنجي ??نڍڙن هٿن ۾ غليل کڻي ڪيو.
گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت واعدا پورا ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن