ڪراچي – 22 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ ائٽمي ??وا??ن قائم ڪري خطي کي ڪنهن به حادثي کان محفوظ رکيو آهي، پاڪستان جي دفاعي پيداوار ۾ اضافي جو مقصد خطي ۾ طاقت جو ??وا??ن قائم رکڻ آهي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان برابري جي سطح تي دوستاڻن لاڳاپن ??و خواهشمند آهي، خطي جي ملڪن کي ماضي جي غلطين مان سبق سکي ان??ان??ت کي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ٻين جي داخلي معاملن ۾ مد??خل?? کان پاسو ڪرڻ گهرجي، علائقائي امن ۽ استحڪام ذريعي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڪراچي ۾ آئيڊيا?? 2016ع جي موقعي تي علائقائي امن جي معيشت جي عنوان سان منعقد سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن