اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) خطي کي مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪر?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، علائقائي رابطن جي گهٽتائي اقتصادي تعاون ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. معاشي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 22 هين اجلاس ج?? چيئرمين شپ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار خطي جي سمورن انساني ۽ مادي وسيلن سان ڀرپور فائدو ک??ندي اي سي او کي هڪ مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪر?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خطي ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏي?? جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ريل، رستن، سامونڊي ۽ فضائي رابطن جي سخت ضرورت آهي، اي سي او خطو سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ مان فائدو ک??ي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم