ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي ۽ افغان صدر اشرف غني رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفد جي سط?? تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي م??ل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دوست??ڻو ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، افغان صدر اشرف غني وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجي??ڻو به ڏنو، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي ۽ افغان صدر اشرف غني ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي افغان صدر محمد اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو.
وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ